سهتو، قائم الدين

سهتو، قائم الدين

قائم الدين سهتو

قائم الدين سهتو : ناميارو سگھڙ قائم الدين ولد عبدالرشيد سهتو 1960ع ڌاري ڳوٺ سهتا ۾ ڄائو. کيس پندرنهن سورهن سالن جي ڄمار ۾ سگھڙائپ جو شوق ٿيو. انهيءَ سلسلي ۾ مشهور سگھڙ محمد ملوڪ عباسيءَ جو شاگرد بڻيو. قائم الدين سهتو ڌنڌي جي لحاظ کان هاري هو، هن لوڪ ادب جي مڙني صنفن جهڙوڪ: حمد، نعت، سينگار، ڏور، بيت، هنر، ڳجھارت، پرولي، وغيره تي چڱي خاصي طبع آزمائي ڪئي. ان کانسواءِ عمر مارئي، سهڻي ميهار، مومل راڻي، سورٺ راءِ ڏياچ جي داستانن تي پڻ بيت چيا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب ’سنڌي سينگار شاعري‘ ۾ قائم الدين سهتي جا ٽي سينگار جا بيت ڏنا آهن. ان کان سواءِ سگهڙن جي پارکوءَ، عبدالله خان ورياهه ’سگھڙن جي ڊائريڪٽريءَ‘ ۾ سندس تصوير ۽ ڪجھه بيت ڏنا آهن. قائم الدين سهتو پاڪستان ٽيليويزن تي 1982ع کان لوڪ ادب تي مشتمل مختلف پروگرامن: ڪچهري، اوطاق، رس رهاڻ ۽ سنڌ سڀيتا ۾ ڪيئي ڀيرا پنهنجو فن پيش ڪندو رهيو ۽ 1986ع کان ريڊيو پاڪستان خيرپور تان پروگرام ’سهڻي ڌرتيءَ‘ ۾ پڻ ڪيئي ڀيرا شرڪت ڪيائين سندس لوڪ شاعريءَ جو ڪتاب ’قائم جو ڪلام‘، ’سنڌ سگھڙ ويلفيئر ائسوسيئيشن شڪارپور‘ شايع ڪري چڪي آهي. قائم الدين سهتي کي سندس فن جي مڃتا طور اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ به مليا. هن مئي 2009ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ قائم الدين سهتوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو